محمد عثمان عباسي

محمد عثمان عباسي

عباسي محمد عثمان چنيهه

عباسي، محمد عثمان چنيهه: نامور ليکڪ محمد عثمان ولد محمد چنيھه عباسيءَ 3 فبروري 1960ع تي ڳوٺ چنيھاڻي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڪنڊياري مان، بي. اي ڪنڊيارو ڪاليج ۽ ايم. اي شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ڪيائين. پي. ٽي. سي مٺياڻي ڪاليج، سي. ٽي علامه اقبال يونيورسٽي، بي. ايڊ پائيٽ ڪاليج نواب شاھه، ايم. ايڊ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ڪيائين. ھن عملي زندگيءَ جي شروعات 27 جنوري 1982ع تي پرائمري استاد طور ڪئي. لکڻ جي شروعات روزاني ھلال پاڪستان ۾ سعديءَ جي ڪالم ‘جھاتيون’ ۽ ماهوار رسالي ‘گل ڦل’ کان ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڊياري جو ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ضلعي نوشھري فيروز جو رابطا سيڪريٽري رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) مولود شريف (مرتب: 8 حصا)، (2) مرشدن جا ڪارناما (مرتب: 1987ع)، (3) سيرت خاتم الانبياء صلي الله عليه وسلم (ترجمو)، (4) عالمي معلومات (1990ع)، (5) ڳجهارتون (مرتب: 2 حصا)، (6) قرآني دعائون (مترجم: 1990ع)، (7) ٻارن لاءِ آکاڻيون (1990ع)، (8) دنيا هڪ آئينو (1991ع)، (9) مانگر مڇ ۽ غريب هاريءَ جي ڌيءَ (چار ڇاپا: 1994ع)، (10) درسي خط (1994ع)، (11) ڊڪشنري انگلش ٽو انگلش اينڊ سنڌي (ٻه ايڊيشن: 1994ع)، (12) صدام ميدان جنگ ۾ (1995ع)، (13) دلچسپ ڪهاڻيون (ٻه ڇاپا: 2007ع)، (14) پرک (معلومات: 1995ع)، (15) سچائي ڪهاڻيون (ٽي ڇاپا: 1996ع)، (16) تقرير سان تقدير ٺاهيو، (17) دنيا جون سئو عظيم شخصيتون، (18) سورة فتح ۽ ممتحنه (ترجمو: الهام الرحمان جي نالي سان: 2001ع)، (19) ڪامل نماز (ٽي ڇاپا: 2003ع)، (20) عرفان گرامر (ٻه ڇاپا: 2004ع)، (21) آزاد هند فوج ۽ سڀاش چندر بوس (2004ع)، (22) پردو (ٻه ڇاپا: 2006ع)، (23) سچيون ڳالهيون (ٻه ڇاپا: 2008ع)، (24) رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي نظر ۾ سٺا ماڻهو (ٻه ڇاپا: 2009ع)، (25) سعديءَ جون رهاڻيون ‘گلستان’ (2010ع)، (26) عجيب دنيا عجيب خلقت (2011ع)، (27) گلدستو ‘نماز’ (2012ع)، (28) سعديءَ جون رهاڻيون ‘بوستان’ (ٽيون ڇاپو: 2012ع)، (29) ذهني تخليق (خليل جبران: ترجمو) ۽ ٻيا ڪتاب قابل ذڪر آهن. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جهڙوڪ: سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان ڀٽائي اوارڊ (2002ع)، نوشهري فيروز سيمينار ۾ ضلعي حڪومت طرفان مڃتا اوارڊ (2007ع)، سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري شاخ طرفان گوبند مالهي اوارڊ (2011ع)، ڪمشنر شهيد بينظيرآباد پاران ضلعي نوشهري فيروز جو بهترين استاد مڃتا سرٽيفڪيٽ وغيره. هن پنهنجي نالي پٺيان شهر ۾ لائبرري قائم ڪئي آهي. جنهن ۾ 13 هزارن کان مٿي ڪتاب آهن. محمد عثمان چنيهه ڳوٺ چنيهاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.02.03  عيسوي

محمد عثمان ولد محمد چنيھه عباسيءَ 3 فبروري 1960ع تي ڳوٺ چنيھاڻي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد پناهه ڦرڙو
وينا شرنگي
جيئل اوڏ
زيب سنڌي
صالح کهڙو
عبدالحق عظيم
پرم ابيچنداڻي
رعنا شفيق
عقيل عباس جعفري
سيد شاهه محمد شاهه
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون